SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي سماج بابت گروشس جو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي سماج بابت گروشس جو نظريو

Grotian View of International Society

گروشين وِيو آف انٽرنيشنل سوسائٽي

جديد عالمي سياست جي هن نظريي کي سڀ کان اڳ ناميارن سماجي سائنسدانن مان هڪ ’مارٽن وائٽ‘ هڪ اصطلاح طور کي منظرعام تي آندو ۽ ’هيڊلي بُل‘ اڳتي وڌايون، جڏهن ته عالمي قانون جي ابي Hugo Grotius 1609ع ۾، ”آزاد سمنڊ“Mare Liberum ۽ 1625ع ۾ ”جنگ ۽ امن جي قانون بابت“ (De Jure Belli ac Pacis) جي عنوان سان مضمون لکيا. نامياري سياسي دانش ور هيڊلي بُل مطابق، پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جيڪي بين الاقوامي قانون ۽ ضابطا مقرر ڪيا ويا، اهي سڀ گروشس جي ٻڌايل تصور ”انٽرنيشنل سوسائٽي“ جهڙا آهن. هُوگو گروشس به پنهنجي مضمونن ۾ بين الاقوامي قانون جي لاڳو ٿيڻ کي لازم قرار ڏيئي ٿو ۽ انهيءَ ۾ ئي ملڪن جي ڀلائي ڏسي ٿو. هيڊلي بُل گڏيل قومن جي جوڙجڪ کي گروشس جي نظريي سان جوڙي ٿو. ماهرن جو خيال آهي ته گروشس جنهن وقت هي نظريو سامهون آندو، ان وقت مُختلف ملڪن وچ ۾ ويجهڙائيون پيدا ڪرڻ ۽ ”گلوبل ورلڊ“ جو ڪو خواب ۽ خيال به نه هيو. ڪُجهه حلقن جو خيال آهي ته تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ اڄوڪي دُنيا ۾ گروشس جا ”گڏيل سيڪيورٽي“ ۽ ”گڏيل سماجي ۽ معاشي سرگرميون“ وارا تصور عمل ۾ آڻڻ ناممڪن آهن، پر هيڊلي بُل جو خيال آهي ته گروشس جي ”بين الاقوامي سماج“ واري نظريي کي نئين صديءَ ۾ به ختم نه ٿو ڪري سگهجي ۽ اهو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اڄ به لاڳاپيل نظر اچي ٿو


Remember Me Also:

حيات

ذ. صفت. حياتيءَ وارو ، حياتي ، جيئرو ، جيئندو ، زنده.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal